اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪن بزنس ڪا??ونسل جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. وفد موجوده حڪومت جي طرفان ڪا??وباري برادري جي لاء?? سهولتون خاص طور تي ايز آف ڊوئنگ بزنس جي حوالي سان ڪيترن ئي قدمن کي ساراهيو، وفد ۾ موجود مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي ڪمپنين جي ڪا??وباري سرگرمين ۽ لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو، وفد جي ميمبرن چيو ته حڪومت جي ڪا??وبار دوست پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ اهي پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهشمند آهي، ڪا??وباري طبقي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان وفد مختلف تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون، وزيراعظم وفد کي خطاب ڪندي چيو ته ڪا??وباري برادري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خت?? ڪرڻ، منافع بخش ڪا??وبار جي لاءِ موافق فضا جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.