اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سڄي ملڪ ۾ تازين برساتن سبب ٿيندڙ ج??ني ۽ مالي نقصانن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي برساتن سبب پيش ايندر حادثن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتن جي ف??اهمي جي هدايت ڪئي، هن چيو ته پوري قوم مشڪل جي ان گهڙي ۾ متاثر ٿيندڙ خاندانن سان گڏ بيٺل آهي.