خيبر – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس نشونما پروگرام جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پهرين مرحلي ۾ 9 ضلعن ۾ 33 احساس نشونما مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، پروگرام تحت ٽه ماهي بنيادن تي ٻارڙين کي 2 هزار رپيا جڏهن ته ٻارن کي 1500 رپيا وظيفو ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان خيبر ضلعي ۾ قا??م نشونما مرڪز جو دورو ڪيو جتي خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظ?? کي پروگرام بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فر??ان، وڏو وزير محمود خان، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظ?? کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن. اسٽنٽنگ (اڻ مڪمل نشونما) جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان خطي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. احساس نشونما پروگرام ملڪي تاريخ ۾ اسٽنٽنگ جي سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ جو پهريون حڪومتي پروگرام آهي. ان 3 سالن واري نشونما پروگرام جي بجيٽ 8 ارب 52 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي. مستحقين کي صحت ??خش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما پروگرام مان وظيفو پڻ ڏنو ويندو. ٻارڙين جي لاءِ 2 هزار جڏهن ته ٻارن جي لاءِ 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو هوندو. مستحقين کي صحت ??خش غذا جي فراهمي سان گڏ ٽه ماهي نشونما وظيفو پڻ ڏنو ويندو. انهن ضلعن ۾ خيبر، اپر دير، باغ، غدر، خارمنگ، خاران، بدين ۽ راجن پور شامل آهن. ملڪ ۾ 33 احساس نشونما مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم مرڪز جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ اتي آيل عورتن ۽ ٻارن سان به مليو.