اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ۽ مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل ??هي?? مخالف ڌر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل ??هي?? مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري اڄ ملڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو ??هي?? ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، ڇا مخالف ڌر انهي جي ڪري احتجاج ڪري رهي ??هي?? عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اض??في تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو ??هي?? 35 سال حڪومت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي اچڻ سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو ??هي?? جنهن جو مخالف ڌر کي تمام گهڻو افسوس ??هي?? ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معا??ي چئلينجز سڀني جي سامهون آهن. ان ۾ مخالف ڌر جي اها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري حڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخالف ڌر جي ذميواري آهي ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آهي ته مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چاهي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.