اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا جي صورتحال ۾ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورونا جي مريضن، ڀارتي ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميرين، ڀارت ۾ اسلامو فوبيا کان متاثر مسلمانن، فلسطينين ?? مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿو، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته اهي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن پاڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته اهي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ماسڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئين ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهنجي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا کان محف??ظ رکن.