اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رليف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپو??يش?? جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپين جي منظوري سميت وڌيڪ 6 ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلا?? ۾ ??هن ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تي عملدرآمد ڪندڙ ايجنسين جي لاءِ هل??دڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽ?? جي لاءِ 90.459 ملين رپيا ۽ پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، پنجاب رينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس سان دف??ع واري وزارت هيلي ڪاپٽر جي مرمت لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.