اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستح?? ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفل ڏنو پيو وڃي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مستح?? ماڻهن کي فراهم ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت غريب ۽ و??ول?? طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ رمضان المبارڪ دوران مستح?? ماڻهن کي ريليف ۽ اٽي جي تحفي جي فراهمي جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مستح?? ماڻهن جي لاءِ اٽي جو تحفو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم تاڪيد ڪئي ت?? مستح?? ماڻهن کي فراهمي ڪيو ويندڙ اٽي جي تحفي جي معيار تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت غريب ۽ و??ول?? طبقي کي ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به رمضان دوران مستحق خاندانن کي اٽي جو تحفو ڏنو ويندو. مستح?? ماڻهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نمبر 8171 تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ايس ايم ايس ڪري اٽي جي تحفي جي لاءِ پنهنجي اهليت جانچي سگهن ٿا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ 50 رمضان هازارن تان اٽو سستي اگهن تي دستياب هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي، پنجاب خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.