اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿ??ني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ??فارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ و??زا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نمائندي ??لاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ??رقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي.