اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر، مواصلات ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وز??ر عبدالعليم خان جهاز حادثي تي آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وز??ر اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني ويو جتي هن سفير خضر فرهادوف سان جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ?? معصوم حيات??ن جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان آذربائيجان جي عوام سان ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان ۽ آذربائيجان ڀائر اسلامي ملڪ ۽ هڪٻئي جي ڏک سک ۾ هميشه شريڪ آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحت عطا ڪري. آذربائيجان جي سفير وفاقي وز??ر جي سفارتخاني آمد ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.