اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت 11 ۽ 12 جنوري 2025ع تي ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان عالمي ڪا??فرنس جي ميزباني ڪ??دي. ڪا??فرنس جو مقصد مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ دستياب موقعن، مڪالمي جي فروغ ۽ درپيش چئلينجز تي قابل عمل حل ڳولڻ آهي. اها ڪا??فرنس اعليٰ سطحي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تعاون جي لاءِ هڪ مثالي پليٽ فارم مهيا ڪ??دي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪا??فرنس جو افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪندو، جيڪو افتتاحي سيشن ۾ اهم خطاب جي ذريعي ڇوڪرين جي تعليم ۽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. ان ڪا??فرنس ۾ 44 مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪا??ياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪا??فرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون، جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿي??دي.