اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت ??لم??ءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان م??اقات ڪئي جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان جي مدرسا رجسٽريشن جي تجويزن تي مثبت اڳڀرائي ٿي آ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف معاملن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪن??ي چيو ته قانون واري وزارت ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ آئين ۽ قانون م??جب قدم کڻي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ ق??ر زمان ڪائره سميت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار ايازصادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان م??جود هئا.