اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنج?? جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سوار محمد حسين شهيد نشان ??يدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان ??يدر) 1971ع جي جنگ ۾ بي مثال بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جي نشاندهي ڪندي ٽينڪ تباهه ڪندڙ توپن سان ??شمن جون 16 ٽينڪون تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد (نشان ??يدر) پنهنجي پيشيواراڻي عسڪري مهارت سان ??شمن جي طاقت جي نشي ۽ عددي برتري جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪندي ملڪ جي لاءِ پنهنج?? جان قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جو ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۽ عهد وفا نڀائيندي شهادت ماڻڻ جو عمل ايندڙ نسلن جي لاءِ قابل تقليد آهي. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنج?? جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.