راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس (اي اين ايف) منشيات اسمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جاري ڪريڪ ڊائون دوران و??يڪ چئن ڪارراوين جي نتيجي ۾ 4 جوابدار گرفتار ٿيا، اي اين ايف هيڊڪوارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل تفصيلن موجب ڪاررواين دوران 20 لک روپين کان و??يڪ جي ماليت جي 16.7 ڪلوگرام منشيات ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو، ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ويجهو ج??ابدارن جي قبضي مان 5 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورسٽي ويجهو ج??ابدارن وٽان 2 ڪلو چرس ۽ 23 ليٽر شراب هٿ ڪيو ويو. ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻين ڪاررواين دوران سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ وٽان بحرين ويندڙ مسافر وٽان 2.5 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي، هوڏانهن راءِ ونڊ روڊ قصور ويجهو رڪشا ۾ لڪايل 7.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي و??ي آهي.