اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فا??مه خواجه چيو آهي ته نو??وانن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري ??هيا آهيون، ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن سان حڪمن ۾ غير ضروري ??ير جو شڪار (ڳاڙهي ربن) ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪي پي ڪي جي نو??وانن کي يو اين ڊي پي ڊجيٽل اسڪلز گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جا نو??وان ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هيا آهن. آءِ ٽي ذريعي نو??وانن کي مختلف ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي بابت مختلف پروگرامن ۾ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شاگرد پوري محنت ۽ لڳن سان تعليم حاصل ڪري معاشري ??ا فا??ديمند شهري ??ڻجن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڊجيٽلائزيشن لاءِ پُرعزم آهي، ان سان صارفين کي سموريون سهول??ون آن لائن دستياب ٿينديون. هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت سميت سمورا آءِ ٽي ڪورسز ڊجيٽلائزيشن لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ”ون پيشنٽ ون آءِ ڊي“ قدمن تحت مريضن جي ڊيٽا آن لائن دستياب هوندي، ان سان شناختي ڪارڊ ذريعي مريض جو سڄي ڊيٽا آڏو اچي ويندو، اهڙيءَ طرح جي قدمن سان صحت ۽ تعليم جون بهترين سهول??ون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪوشش آهي ته اهڙن قدمن لاءِ نجي شعبو اڳيان اچي.