اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل ضم ٿيڻ جي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي اقتصادي تبديليءَ جو اهم جُز قرار ڏنو آهي. حڪومت رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پ??رع??م آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل براڊ بينڊ سروسز جي بهتري لاءِ آءِ ايم ٽي اسپيڪٽرم جي ??ار?? ٿيڻ تي مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ٽي اي چيئرمين، آءِ ٽي وارو سيڪريٽري، قانون واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ??خت??ف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاوه آمريڪي ڪنسلٽنٽ فرم نيرا طرفان ڪيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو جنهن کي پي ٽي اي نومبر 24ع ۾ پي پي آر اي رولز/اي پي اي ڊي ايس موجب پاڪستان جي مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ، ڀائيوارن سان صلاح ڪرڻ، شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪامياب اسپيڪٽرم جي نيلامي لاءِ پاليسي سفارشون ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. اسپيڪٽرم جي نالي جو عمل ايندڙ سال اپريل تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت رابطن کي بهترن بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پ??رع??م آهي ته جيئن اُڀرندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي?? ۽ ??ديد ايپليڪيشنز کي وسيع پيماني تي اختيار ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهي قدم ??خت??ف شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، اقتصادي سرگرمين جي تبديلي ۽ جٽادار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.