اسلام ??با?? – 19 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي و?? ۾ ??طرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور اسلام ??با?? ۾ ٿيو، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) احمد نسيم وڙائچ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جڏهن ته قزاخستان پاران نائب پرڏيهي وزير علي ب??ڪ بڪائيف قيادت ڪئ??. پرڏيهي آفيس پاران جاري ب??ان موجب ڌرين پاڪستان ۽ قزاخستان جي و?? ۾ ??طرفي تعاون جو جامع جائزو ورتو جنهن ۾ سياسي لاڳاپن، بين الپارلياماني مٽاسٽا، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، رابطن، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، ثقافت ۽ سياحت شامل آهن. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بشمول يوڪرين، افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.