باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي گروپ فوٽو سيشن ۾ وزيراعظم محم?? شهباز شريف پهرين صف ۾ موجود هو. فوٽو سيشن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر ال??ام ??لي??ف، گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سميت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردوان فوٽو سيشن جي لاءِ پهتو ته وزيراعظم محم?? شهباز شريف اڳتي وڌي سندس ا??تقبال ڪيو ۽ هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر ال??ام ??لي??ف سندس شاندار استقبال ڪيو.