بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئ??زر??ينڊ – يورپي ??ون??ن ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگري جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪند??ن ۾ سوئ??زر??ينڊ جو مائيگريشن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي ??ون??ن جي مائيگريشن ۽ گهرو معاملن جو سربراهه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو سربراهه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگريشن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انساني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ يورپي ??ون??ن ۽ مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خصوصي تربيت لاءِ سوئ??زر??ينڊ – يورپي ??ون??ن ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.