اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئني??نگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ??ئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيش?? موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئني??نگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ??ئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.