اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي م??مب??ن مبارڪ زيب ۽ اورنگزيب کچي پارليامينٽ هائوس ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي، ٻنهي ميمبرن ??ڪومت جي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ميمبرن ??ڪومت جي ح??ايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.