اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لنڊن ۾ اڳ??ڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏيءَ تي حملي جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ نادرا کي حملو ڪن??ڙن جي سُڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير نادرا کي هدايت ڏني ته فوٽيجز ذريعي حملو ڪن??ڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. حملي ڪن??ڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته حملو ڪن??ڙن جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيو ويندو، جن حملو ڪيو آهي انهن جي شهريت ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوريءَ لاءِ ڪابينه ڏانهن موڪليو ويندو. هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي به اهڙيءَ طرح جي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ڪار تي حملو ٿيو آهي، اسان ان واقعي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اڳ??ڻي چيف جسٽس کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته ان کي سيڪيورٽي ڇو نه فراهم ڪئي وئي.