اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجي سالگرهه تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد واري پيغام ۽ نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته صدر شي جن پنگ پاران منهنجي سالگرهه جي موقعي تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيرا??ظم چيو ته ان خيرسگالي جي جذبي جي لاءِ سندس ٿورائتو آهيان جيڪو پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي مضبوط رشتي ?? اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي گڏ??ل مستقبل سان هڪ خوشحال پاڪستان چين ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا رهنداسين.