اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ ??يد??وار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روسي فيڊريشن جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير اليڪسي گرزديو ملاقات ڪئي جنهن ۾ روسي سهڪار سان ڪرا??ي ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام سميت صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. صنعت ۽ پيدوار واري وزارت مان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ روسي فيڊريشن جي نائب واپاري نمائندي ڊينس نيوزوروف جڏهن ته صنعت ۽ ??يد??وار واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي سيڪريٽري علي طاهر، ايڊشنل سيڪريٽري، امير محي الدين، ڊپٽي چيف صنعت ۽ ??يد??وار واري وزارت عبدالصمد، ايگزيڪٽو انجنيئر پاڪستان اسٽيل ملز محمد شعيب شريڪ هئا. ملاقات ۾ روس جي سهڪار سان ڪرا??ي ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام جي تجويز تي غور ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ڳالهين لاءِ ورڪنگ گروپس جي جوڙجڪ تي به اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي 700 ايڪڙ ايراضي نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، ڄاڻايل ايراضي ڪرا??ي ۾ واقع آهي جيڪو پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شهر ۽ محرڪ آهي. اها زمين پورٽ قاسم جي ويجهو واقع آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي ??يد??وار وڌائڻ لاءِ جديد ??رعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. روسي فيڊريشن جي نائب وزير اليڪسي گرزديو چيو ته روس پاڪستان کي جديد ??رعي مشينري فراهم ڪندو.