اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفا??ي انشورنس محتسب (ايف آءِ او) جي 9 فيصلن کي برقرار رکندي ٻن ??نش??رنس ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ??نش??رنس پاليسي هولڊرز يا انهن جي گهرڀاتين کي 15.2 ملين رپين کان وڌيڪ جي مجموعي رقم ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفا??ي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل اي ايف يو لائيف ??نش??رنس لميٽيڊ جي 6 ۽ پاڪ – قطر فيمل?? تڪافل لميٽيڊ جي ٽن درخواستن کي رد ڪندي اهي هدايتون ڏنيون آهن. تفصيل موجب وفا??ي انشورنس محتسب جي سامهون اهي الزام هنيا ويا هئا ته اي ايف يو لائيف ??نش??رنس جي ايجنٽن محمد شفيق ۽ اديب روشن جڏهن ته محمد ممتاز ملڪ، محمد شبير ۽ عابد حسين کوکر کي پاڪ – قطر فيمل?? تڪافل لميٽيڊ جي ايجنٽن سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ ??سڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي وئي ۽ انهن کي ماهوار بنياد تي منافعي جي خاطري ڪرائي وئي. جڏهن انهن پنهنجي رقم جي واپسي يا ري ايمبرسمنٽ جي لاءِ لاڳاپيل ڪمپنين سان رجوع ڪيو ته ڪمپنين انهن جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف يو لائيف ??نش??رنس لميٽيڊ مرحوم علي حيدر، شيخ علي حسن، چاند علي ۽ علي اڪبر جي گهرڀاتين پاران داخل ڪيل ”ڊيٿ ڪليم“ کي رد ڪري ڇڏيو. ان پريشان ڪندڙ ??ورتحال تي شڪايت ڪندڙن پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جدا کان وفا??ي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب انهن جا ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي شڪايت ڪندڙن کي مجموعي طور تي 15.2 ملين رپيا ادا ڪن. بعد ۾ بيما ڪمپنين صدر پاڪستان وٽ وفا??ي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ڪيسن جي ٻڌڻي ايوان صدر ۾ ٿي، وفا??ي انشورنس محتسب جي حڪمن ۾ ڪا قانوني ڪمزوري نه ڏٺي وئي، ان لاءِ درخواستون رد ڪيون ويون. اي ايف يو لائيف ??نش??رنس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي وئي ته اها نظاره بي بي کي 30 لک رپيا، نور حسن کي 3.077 ملين رپيا، نيڪ محمد کي 2.508 ملين رپيا، ڪامله علي کي 796000 رپيا، محمد شفيق کي 1.612 ملين رپيا ۽ اديب روشن کي 933992 رپيا ادا ڪري. اهڙي طرح پاڪ – قطر فيمل?? تڪافل لميٽيڊ کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اها محمد ممتاز ملڪ کي 636456 رپيا، محمد شبير کي 1.319 ملين رپيا ۽ عابد حسين کوکر کي 1.328 ملين رپين جي رقم ادا ڪري.