اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذ??بي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذ??ب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مذ??بي عدم برداشت جي وڌ??دڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي ??ي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ل??ءِ پرعزم آهي، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذ??بي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن مذ??بن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم ??يغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذ??ب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.