اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪ??ي آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني مدد ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس تي جائزه اج??اس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرشري سطح ??ي جديد اسپتال بڻائي وڃي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور ??ي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون ف??اه?? ڪيون وينديون، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني معاونت ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ عالمي معيار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪ??ي ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ??ي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خان فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اج??اس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪ??ي. اج??اس کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان ۽ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو ويندو جيڪو اسپتال جي انتظامي معاملن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چيف وزيراعظم هوندو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان تي عالمي شهرت يافته آمريڪي ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آغا خان فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوالي سان فني معاونت ف??اه?? ڪري رهي آهي. اج??اس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهي وڃي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي خاص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون.