لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کي والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جو نئون مثال قائم ڪيو. يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته والاريل ڪشمير جي هر شهيد، هر مظلوم کي سلام ڪيان ٿي. هن چيو ته دنيا ڪيس??ائ??ن اکيون بند ڪري ويٺي رهن??ي، ڪيس??ائ??ن ڪشميري ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيندا رهندا، ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف ڪشميرين جون لازوال قربانيون ضرور رنگ لائينديون. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي ايوان?? ۾ ??شميرين جو آواز اٿاريندو رهندو، ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ام?? ۽ ??ستحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي. مريم نواز شريف چيو ته هر پاڪستان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان گڏ آهيو?? ۽ ??هنداسين.