اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) ترڪمانستان جو پر??يهي وزير راشد مير دودف پر??يهي آفيس پهچي ويو، نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪمانستان جي پر??يهي وزير جو استقبال ڪيو. پر??يهي آفيس پاران جاري بيان موجب راشد مير دودف ۽ نائب وزيراعظم جي وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن ج?? قيادت ڪرڻ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ پاڪستان ترڪمانستان لاڳاپن کي مثبت تحرڪ ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي تعاون، علائقائي رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳولڻ جي ??اء?? ڳالهه ٻولهه ڪندا.