اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپي??ر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپي??ر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمب??ي جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمب??ي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمب??ي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمب??ي جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسيمب??ي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپي??ر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمب??ي جي اسپيڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.