اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان ۽ ??ذر??ائيج??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ستان ۾ مقرر جمهوريه ??ذر??ائيج??ن جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پا??ستان ??ذر??ائيجان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ??ذر??ائيج??ن جي صدر الهام عليوف سان عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. هن جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران ??ذر??ائيج??ن جي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جلد ک??ن جلد پا??ست??ن جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ??ذر??ائيجان کي نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ 29 سربراهي اجلاس جي لاءِ ميزب??ن جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي ??ذر??ائيج??ن جي م??حو??يات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪوپ 29 جي اجلاس جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد باڪو موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پا??ست??ن جلد ک??ن جلد پا??ستان ??ذر??ائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير باڪو ۽ ڪراچي جي وچ م اڏامن جي تازي افتتاح کانسواءِ باڪو ۽ اسلام آباد سان گڏوگڏ باڪو ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ??ذر??ائيج??ن جي پرڏيهي وزير جو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پا??ست??ن جو دورو پڻ متوقع آهي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ اهم ملاقا??ن بابت پڻ آگاهه ڪيو. باڪو شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان باڪو جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند آهي. هن اسلام آباد ۽ باڪو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدي جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ??ذر??ائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جلد اسلام آباد جي دوري جو پڻ منتظر آهي.