ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي تعلق ۽ هم آهنگي جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته عوام جي مسئلن جي حل، ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن به صوبي ۽ عوام جي ترقي ??اڪستان جي ترقي آهي، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آهي، سعودي ۽ ايراني قيادت جي ??ور?? سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان ??الهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، منصوبابندي ۽ ترقي ??ارو وفاقي ??زير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي ??زير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي ا??يس احمد خان لغاري، تعليم وارو وفاقي ??زير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پيٽروليم وارو وفاقي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي ??زير ڄام ڪمال خان، سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن جي نتيجي ۾ اسان ??ي مينڊيٽ مليو آهي، اسان ??ي ا?? مينڊيٽ جو احترام ڪندي گڏجي ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اسان عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آهي، ان جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي ويجهو تعلق ٺاهڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير سان ويجهو رابطو آهي، وفاقي ۽ صوبائي وزير به هڪ ??ئي سان تعلق قائم ڪن، سنڌ جي ترقي ??اڪستان جي ترقي آهي، پنجاب جي ترقي ??اڪستان جي ترقي آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن جي ترقي به پاڪستان جي ترقي آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته ان تعلق کي مضبوط ٺاهيان، ڪجهه وقتن تي اسان ??ي ا??ڙا فيصلا به ڪرڻا پوندا جيڪي شايد اسان پنهنجي لاءِ پسند نه ڪندا هجون پر ملڪ جي عوام ۽ صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرڻا پوندا ته جيئن جمهوريت ۽ ترقي جي گاڏي اڳتي وڌي. وزيراعظم چيو ته سعودي ۽ ايراني وفدن پاڪستان جو ??ور?? ڪيو آهي، ايران جو صدر ڪراچي به آيو، اهڙي طرح اڳتي به اميد آهي ته سيڙپڪاري جي لاءِ وفد پڻ پاڪستان جو ??ور?? ڪندا ۽ چئني صوبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻندا پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجو هوم ورڪ ڪريون، پاڻ ۾ هم آهنگي هجي ۽ پوري تياري ۽ هڪ جهڙي سوچ سان اڳتي وڌنداسين ته مثبت نتيجا سامهون ايندا. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ جي عوام جي لاءِ ٽيم بڻجي ڪم ڪنداسين، ان ??انسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو نه آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم شروع ڪيو هو، انهي جذبي سان اڳتي وڌنداسين، سنڌ جي صوبائي حڪومت وفاق سان ??ڏجي عوام جي ا??يدن تي پورو لهندي.