اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??وي?? جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??وي?? جي وزيراعظم شيخ محمد صباح السالم الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چونڊ جي موقعي تي ??وي??ي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام جو ذڪر ڪندي ??وي??ي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وجهندي پاڪستان، ??وي?? ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي انهن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نه رڳو پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ اقتصادي ۽ و??پا??ي تعاون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو پر پاڪستان پاران گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي جلد عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام جي سلامتي ?? خوشحالي، مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ خاص طور تي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. ??وي?? جي وزيراعظم پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ??وي??ي حڪومت پاران پاڪستان سان تعاون جي وڌيڪ فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو.