اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار کي برطانيا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي م??ام??ن و??ري و??ير لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار بطور پرڏيهي و??ير مقرري تي مبارڪباد جي پيغام تي برطانوي هم منصب جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي و??ير پاڪستان ۽ برطانيا لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون سان گڏ پاراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن. پرڏيهي و??ير چيو ته لاڳاپن کي اڳئين سطح تي وٺي وڃڻ جي لاء?? Enhanced Strategic Partnership (ESP)معاهدو جلد ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي و??ير واپار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن ۽ ماحولياتي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي و??ير خاص طور تي برطانيا ۾ پاڪستانين جي وڏي انگ جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان رابطن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ٻنهي و??يرن افغانستان ۽ غزه جي صورتحال سميت اهم علائقائي م??ام??ن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي و??ير لارڊ ڪيمرون کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.