اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڀني جو صدارتي ام??دوار آهي، آصف علي زرداري جي ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي، پاڪستان جي نظام ۾ ڪو به پنهنجا اختيار نه ٿو ڏي پر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار پارليام??نٽ کي ڏ??ا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پارليام??نٽ جي چونڊيل ميمبرن کي ڏ??ل آجياڻي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف علي زرداري اسان سڀني جو صدارتي ام??دوار آهي، ان جي اڳوڻي صدارتي دور ۾ اهم قانونسازي ڪئي وئي، 58 ٽو بي جو صدارتي اختيار ختم ڪيو ويو، پاڪستان جي نظام ۾ ڪير پنهنجو اختيار نه ٿو ڏي پر هن پنهنجو اختيار پارليام??نٽ کي ڏ??و جنهن کي تاريخ ياد رکندي هن چيو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري صدر چونڊجي وڃي ٿ?? ته اها اسان سڀني جي لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي.