اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحيثيت صدر پگهار نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهو فيصلو درپيش معاشي چئلينجز جي ڏس ۾ ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري جي فيصلي جو مقصد ملڪ ۾ دانشمنداڻي مالياتي انتظام جي ح??صلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر قومي خزاني تي بار نه وج??ڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پگهار نه و??ڻ کي ترجيح ڏني آهي.