اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم ??ي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم ??ي فراهمي جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊيشن جي وفد ??ان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آهي، فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم ??ي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم ??ائين پهچ وڌائڻ آهي، ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آه??، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.