ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا رولز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي ??ينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن جي مالڪن سان ڳالهه ڪنداسين، ميڊيا ??رڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظاهري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪيو. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر عرفان سعيد ان موقعي تي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت??ن ميڊيا ??رڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محد??د آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي صحافين جي برطرفي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون پاليسيون لازمي آهن جيڪي صحافي برادري سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.