اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ ??ي اتفاق ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان س??ند?? سلطان راجا اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي چئن ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ايندڙ عام چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي لاءِ تاريخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر اليڪشن ڪميش?? پاران تڪبندين ۽ چونڊن جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي کي ٻڌو. تفصيلي بحث کانپوءِ اجلاس ۾ متفقه طور تي ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ ??ي اتفاق ڪيو ويو.