نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته پا??ستاني ڄاوا آمريڪي پنهنجي مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ فلاحي ڪمن جي ذريعي پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پا??ستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي تنظيم (اي پي ??ي اين اي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان جي قيادت ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پا??ستان ۾ ايپنا جي سماجي ڀلائي، تعليمي ۽ طبي امدادي مشنز ۽ پروگرامن سميت ڊاڪٽر ارشد ريحان جي پا??ستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي پيغام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايپنا مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن اي پي ??ي اين اي کي پا??ستان ۾ هيلٿ ٽوئرازم، ميڊيڪل ۽ پيراميڊيڪل ايجوڪيشن، ٽريننگ ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته 10 لک کان وڌيڪ پا??ستاني ڄائي آمريڪي پا??ستان جو اثاثو آهن ۽ ملڪ جي قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي پوري طرح تسليم ڪيو وڃي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آمريڪا ۾ پا??ستان جو اصل چهرو ۽ پا?? آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ قيمتي پل آهن. هن وفد کي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پا??ستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. اي پي ??ي اين اي جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ميمبرن پاران نگران وزيراعظم سان ملاقات تي ٿورا مڃيا ۽ نگران وزيراعظم کي پا??ستان ۾ سماجي ڀلائي، تعيلمي ۽ طبي شعبن ۾ جاري اي پي ??ي اين اي جي ڪم بابت بريفنگ ڏني.