اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلات نه ٿئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم مذهبي معاملن و??ري نگران و??ير انيق احمد ۽ مذهبي معاملن و??ري سيڪريٽري کي پنهنجي نگراني ۾ حج انتظامن جي اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. نگران و??يراعظم مذهبي معاملن و??ري وزارت کي حج 2023ع جي حوالي سان حاجين جي شڪايتن تي ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم مذهبي معاملن و??ري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي گڏيل حصيداري سان حاجين جي سهولتن ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ ۽ نجي حج ڪمپنين جي حوالي سان شڪايتن تي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان نظام جي لاءِ سڌاراجاتي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جُون مشڪلاتُون پيش نه اچن. نگران و??يراعظم چيو ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ حج 2024ع جي لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي ??جل??س جي صدارت ڪئي. ??جل??س ۾ مذهبي معاملن و??ري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن و??ري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ??جل??س ۾ نگران و??يراعظم کي حج 2024ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران و??يراعظم مذهبي معاملن و??ري نگران و??ير ۽ مذهبي معاملن و??ري سيڪريٽري کي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ، پاڻ حج 2024ع جي تياري جي نگراني ڪرڻ ۽ تفصيلي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.