اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خ??ص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي ??اءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايل??ن لاوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي ??يادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??فد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چ??و ته آمريڪي وفد 19 جولاءِ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي ??عاملن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جي ??چ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايل??ن لاوباچر پاڪستان سان پنهنجي ??اڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ آمريڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??اڪستان ۽ آمريڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.