اسلام آباد – 13 – جو??اء?? (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي حل طلب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائي?? ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??ري?? بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پنهنجي خودمختياري جي حق ??اء?? جدوجهد جاري رکيو اچن. هن چيو ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو انهن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ترجمان چيو ته اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ??اء?? هڪ دليراڻو جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دورا?? ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي شهيد ڪيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائي?? ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق جي ??اء?? جدوجهد جاري رکيو اچن. هن ان عزم جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائي?? ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو.