اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيونٿ ايونيو اوور هيڊ ??رج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح کان اڳ ان بابت بريفنگ ڏني وئي. سيونٿ ايونيو اوور هيڊ ??رج منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب، وف??قي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي ۽ انجم عقيل ??ان پڻ ان م??قعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيونٿ ايونيو اوور هيڊ ??رج جي ڊيگهه 2 ڪلوميٽر آهي، جيڪو سري نگر هائي وي تي آهي. ان جا چار لوپس آهن ۽ هڪ فلائي اوور آهي. اهو منصوبو هڪ سال جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. ان سان ٽريفڪ جي وهڪري کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اهو منصوبو جي سڪس ۽ جي سيون کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. ان م??صوبي ۾ 615 ميٽر جو هڪ انڊر پاس پڻ شامل آهي. ان م??صوبي تي ڪل لاڳت 2 ارب رپين کان به گهٽ آهي.