اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر اي??ان??ئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد ??هباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي دوران ??لوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان ا??ليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ??نل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.