اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي حڪومت ط??فان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ دولس??ر انجنيئرنگ جي چيئرمين عرفان آڪر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ دولس??ر انجنيئرنگ جي جاري توانائي ۽ تعميراتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. عرفان آڪر پاڪستان ۾ توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم دولس??ر انجنيئرنگ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي ??ي آجيان ڪئي ۽ حڪومت ط??فان ان حوالي سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ سڌ سماءُ و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.