اس??ام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن جي ماسٽر مائنڊ کي رد ڪري ??ڏي?? آهي، عوام عمران خان جي دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني جو حصو بڻجڻ جي لاءِ تيار نه آهي، عمران خان ڪنهن کي تيار رهڻ جو چئي رهيو آهي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد هٿياربند جٿي ۽ غنڊه قانون تحت گرفتار آهن، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، حساس سرڪاري عمارتن تي حملا، مسجدن، اسڪولن، چوپائي مال جي منڊين ۽ مريضن کي روڊن تي لاهي ايمبولينس کي ساڙيندڙ ته گرفتار ٿي چڪا آهن، هاڻي عمران خان ڪنهن کي آواز ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان آرام سان زمان پاڪ ۾ ويهي رهي، جيڪا ب??هه ان کي لڳائڻي هئي لڳائي ڇڏي، ٻيهر باهه نه لڳائڻ ڏينداسين. هن چيو ته عوام ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن جي ماسٽر مائنڊ کي رد ڪري ??ڏي?? آهي.