اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان هر شيءَ جو الزام جنرل باجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪا??ٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وار?? وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا 2018ع ۾ حڪومت باجوه ٺاهي هئي؟ عالمي سازش باجوه ڪئ??؟ توشه خانه جون گهڙيون باجوه جي چوڻ تي چوري ڪيون؟ عدت ۾ شادي باجوه جي چوڻ تي ڪئ??؟ ملڪ رياض کان هيرا، زمينون پنڪي باجوه جي چوڻ ت?? رشوت ۾ ورتيون؟ سي پيڪ باجوه جي چوڻ تي روڪيو؟ معيشت تباهه، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي باجوه جي چوڻ تي ڪئ??؟ هن چيو ته ڇا مير جعفر کي ايڪسٽينشن ۽ ٻي ايڪسٽينشن جي آفر باجوه جي چوڻ تي ڏني؟ بوزدار ۽ پرويز الاهي کي وڏو وزير باجوه جي چوڻ تي هنيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون باجوه جي چوڻ تي ٽوڙيون؟ هن چيو ته عم??ان خان رڳو پنهنجي مرضي سان 55 رپين ۾ بني گالا کان وزيراعظم هائوس هيليڪا??ٽر جو سير ڪندو هو؟.