اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ تازي ڳالهين ۽ سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان سعودي عرب جو ڪردار، اومان ۽ گڏيل قومن جي يمن بابت خصوصي ايلچي جي ڪوششن ۾ سگهه جو سبب آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چ??و ويو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته يمن جي بح??ان جي پرامن ح?? جي لاءِ سعودي ڪوششون وقت سر آهن ۽ ان سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ملندو. ترجمان چيو ته پاڪستان يمن جي بح??ان جي سياسي ح?? جي لاءِ ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريعي پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.