اسلام آباد ??? 17 – في??رو??ي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 في??رو??ي 2023ع تي ايوان ص??ر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 في??رو??ي جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪا??ڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 في??رو??ي 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چون??ن تي مشاورت جي لاءِ هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.