اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان آئيوري ڪوسٽ جي قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اڊامه بڪنوگو ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مو??ب ملاقات ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني رابطن، او آءِ سي، آفريقي يونين ۽ واپاري شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. آئيوري ڪوسٽ جي ا??پيڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.